اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪابل جو منهنجو دورو افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط عزم جي اظهار طرف هڪ وڌيڪ قدم آهي، افغانستان ۾ امن سان گڏيل رابطن ۽ واپار جا دروازا کلندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪڏهن به تڪرارن جي عسڪري حل جو قائل ناهيان رهيو سدائين منهنجو ايمان رهيو آهي ته ا??غانستان ۾ امن سياسي ڳالهه ٻولهه سان حاصل ٿيندو، هن چيو ته ا??ل افغانستان کانپوءِ ان امن ۾ سڀ کان وڏو حصو اسان جو آهي ڇو ته ا?? سان گڏيل رابطن ۽ واپار جا دروزا کلندا ۽ خوشحالي افغانستان ۽ پاڪستان ٻنه?? ملڪن جو رخ ڪندي