اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چ??و آهي ته مخالف ڌر رپورٽ کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران عمران خان جي جذبي کي ساراهي، جنهن تاريخ ۾ خود احتسابي جو روشن مثال قائم ڪيو، حڪومت تي وار ڪرڻ بدران مخالف ڌر کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو، انهن جي تاريخ مفادن جي ٽڪراءُ سان ڀريل آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ چيو ته قوم اهو وقت نه وساريندي جڏهن پٽ پيءُ کي، ??اچو ڀائٽيي کي ۽ صدر انور مجيد کي سبسڊي ڏيندو هو، چٽاڀيٽي ڪميشن جهڙو ادارو انهن جي هٿن ۾ ير??مال بڻيل هو، اتي اهو شخص مقرر ٿيندو هو جيڪو ان ??اف??ا جي مفادن کي تحفظ ڏيندو هو، 6 خاندان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ کنڊ تي ڪنٽرول ڪندا هئا.