اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نا??يڪ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن موجب گوادر ضلعي، بلوچستان بابت معاملو ڪميٽي کي ريفر ڪيو ويو آهي، سينيٽ چيئرمين ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته گوادر ضلعي لاءِ انڪم ??يڪ??، سيلز ??يڪ??، فيڊريل ايڪسائيز ۽ ڪسٽم ڊيوٽيز جي مد ۾ 10 سالن جي ڇوٽ جي معاملي جو جائزو وٺي ۽ بجيٽ سفارشن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.