ڪوئيٽا – 11 سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ بلوچستان صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن، ب??الي جي قدمن، صوبي ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال ۽ ازالي جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ جاري ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي ا??ڀرائي جي حوالي سان قدمن جو جائزي اج??اس جمعي ڏينهن هتي منعقد ٿيو، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اس??مبلي جو ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، صوبائي وزير، اين ڊي ايم اين اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ۽ سي??ئر آفيسر اج??اس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب بلوچستان جي چيف سيڪريٽري صوبي جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن جي صورتحال، جاني ۽ مالي نقصانن، انفراسٽرڪچر جي بحالي، عوام جي طبي سهولتن، راشن جي فراهمي ۽ رليف سرگرمين جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني.