اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ تائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هد??يت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس م??اقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار احد خان چيما، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم مل?? ۾ ??گريٽ ۽ تماڪو مصنوعات جي غيرقانوني وڪري جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدمن جي هد??يت ڪندي چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم 15 جولاءِ تائين سگريٽ جي سمورن ڪارخانن ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ ٽريڪ ??ينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي هد??يت ڪئي ته تماڪو جي غيرقانوني وڪري جي مڪمل روڪٿام ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري وارا سگريٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين.