اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي مين لائين ون جي اپ گريڊيشن جو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته (ايم ايل – 1) پاڪستا?? ريلوي جي نظام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پاڪستا?? ريلوي جي بح??لي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستا?? ريلويز ۾ سڌارن ۽ مين لائين ون جي اپ گريڊيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، خواجه سعد رفيق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلا?? کي ريلوي ۾ جاري سڌارن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلا?? کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ??انپوءِ ريلوي هنگامي بنيادن تي پنهنجي آپريشنز کي بح??ل ڪيو. هن وقت ريلوي جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي. ان کانسواءِ ريلوي ٽڪيٽنگ جي نظام کي پڻ مڪمل طور تي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. اجلا?? کي مين لائين ون (ايم ايل – 1) اپ گريڊيشن منصوبي تي اڳڀرائي خاص طور تي منصوبي جي مختلف آپشنز ۽ مرحلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي نظام ۽ بندرگاهن جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پاڪستا?? ريلوي جي بح??لي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٺاهيل موٽرويز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان عوام فائدو کڻي رهي آهي، پاڪستا?? ريلويز جي ٽيم جون ٻوڏ ??انپوءِ پنهنجي آپريشنز جي فوري بح??لي جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.