اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شري?? چيو آهي ته سوئٽزرلين?? جي پرڏيهي وزير اگنازيو ڪاسس سان لاڀائتيون ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته سوئيس پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪري کيس خوشي ٿي آهي. هن چيو ته اسان واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي انتظامن، خطرن ۾ گهٽتائي، اڳواٽ وارننگ، اعليٰ تعليم ۽ سياحت جي بنيادي ڍانچ?? جي تعمير ۽ ترقي ۾ تعاون کي وڌائڻ تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن. وزيراعظم موسمياتي لحاظ سان موزون ذميواراڻي پائيدار ترق?? جي حوالي سان سوئٽزرلين?? جي ڪردار کي پڻ ساراهيو آهي.