اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي، موذي مرضن کا?? ٻارن کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم بل گيٽس سان صحت ۽ سيڪٽر پروگرامن بابت ??عاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن سان گڏجي جاري تعاون کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وسيلن ۾ سڀني جي شموليت جي لاءِ موجوده حڪومت خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. بل گيٽس وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو وائرس کا?? ٻارن کا?? معذور ٿيڻ کا?? بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور جاري رکندو. وزيراعظم ۽ بل گيٽس غذائيت جي کوٽ اسٽينڊرڊ گروٿ (اڻ مڪمل واڌويجهه) بيمارين کا?? بچاءُ جي لازمي خدمتن جي فراهمي ب??بت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کا??سواءِ مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي (راست) ۽ قومي بچاءُ پروگرام کي ڊيجيٽل ڪرڻ بابت ??عاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم ۽ بل گيٽس ويجهي تعاون ۽ گڏيل حصيداري سان ڪم جاري رک?? تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ صحت ۽ ٻين سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.