اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جي خاص ??عا??ن ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ سينيئر ڊائريڪٽر ريئر ايڊمرل ايلين لاوباچر هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو ٻن ڏينهن دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وفد ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي، دفاع واري کاتي ۽ وائيٽ هائوس جا ميمبر شامل هئا. هن چيو ته آمريڪي وفد 19 جولاءِ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي ??عا??لن سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي طرفن جي عوامي نمائندن ۽ عهديدارن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌا??ڻ جي ضرورت تي پڻ ??ور ڏنو. ايلين لاوباچر پاڪست??ن سان پنهنجي لاڳاپن کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻا??ڻ جي لاءِ آمريڪا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.