اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليبيا ۾ ڊيم ٽٽُي پوڻ ۽ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ??باهي تي ??فسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستا?? ۽ ??ن جي عوام جون همدرديون ليبيا جي عوام سان گڏ آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ليبيا جي شهر ڊرنا ۾ ٻوڏ سان قيمتي ??اني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس ۽ قدرتي ??فت ۾ ليبيا ۽ ان جي عوام سان يڪجهتي ??و اظهار ڪيو. صدر چيو ته عالمي برادري مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي ليبا جي عوام کي ريليف پهچائي. هن فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي ۽ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.