اسلام ??باد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خل??ف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والاريل علائقي ۾ عورتون پنهنجي خاندانن ۽ برادرين کي غيرقانوني ۽ زبردستي ڀارتي قبضي جي خل??ف بيهڻ تي سزا ڏيڻ جي ذريعي اڪثر تشدد ۽ جارحيت جو نشانو بڻجنديون رهيون آهن. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج نام نهاد ”ڪورڊن اينڊ سرچ آپريشنز“ دوران نوجوان عورتن کي اغوا ۽ هراسان ڪرڻ کي پوري برادرين کي سزا ڏيڻ جي لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو آهي. ترجمان چيو ته عورتن جي خل??ف تشدد جون اهي ڪارروايون جاري آهن جن کي آرمڊ فورسز اسپيشل پاورز ايڪٽ جهڙن سخت قانونن سان سگهه ملي ٿي جيڪي ڀارتي قابض فورسز کي انهن جي جنسي تشدد جي ڏوهن جي لاءِ قانوني چاره جوئي کان بچائين ٿا. هن چيو ته ڏو??ار??ن جي احتساب جي کوٽ والاريل علائقي ۾ عصمت دري جو شڪار ٿيندڙن جي لاءِ انصاف جي ع??م موجودگي جي وضاحت ڪري ٿي. ترجمان چيو ته انساني حقن جون اهي خل??ف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جون عورتون امن ۽ وقار سان رهي سگهن.