ڪراچي – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين تحت ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، نگر??ن حڪومت جي انتظامي قدمن ??ان ڊالر جي قيمت گهٽ ٿي آهي جنهن جو اثر پيٽروليم مصنوعات جي خريداري تي پڻ پوي ٿو، اميد آهي ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي، بجلي چوري جي خلاف قدمن ??ان اٽڪل 8 ارب رپين جون وصوليون ٿيون آهن، آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي پڻ موجود هو. اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب منهنجو پراڻو گهر آهي جيڪو جمهوريت جي ارتقا ۾ هڪ اهم مورچو رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي هڪ تاريخي حيثيت آهي، فڪر، علم ۽ دانش جي آزادي ۽ عوام جي حڪمراني جي حق ۾ ڪراچي پريس ڪلب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، آمريت جي دور ۾ به ڪراچي پريس ڪلب تان جمهوريت جي لاءِ مضبوط آواز اڀريو، اڄ به پاڪستان جا پورهيت، مظلوم عوام پنهنجو ڏک درد ٻڌائڻ ڪراچي پريس ڪلب اچن ٿا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيان، انهن جي نوڪرين بابت مسئلا موجود آهن. هن چيو ته موجوده نگر??ن حڪومت آئين جي آرٽيڪل 224 تحت هڪ آئيني ۽ قانوني حڪومت آهي، ا??ان جي دور ۾ صحافين ??ان ناانصافي نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پرنسپل انفارميشن آفيسر ??ان گڏجي قدم کنيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري ??فتي ۾ چونڊون منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن بااختيار آئيني ادارو آهي، ان جي ذميواري آهي ته ملڪ جي اندر آزاداڻيون، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون منعقد ڪرائي. هن چيو ته نگر??ن حڪومت اليڪشن ڪميشن جي هر طرح جي مدد ڪندي ۽ اليڪشن ڪميشن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. هن چيو ته عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، 30 نومبر تائين تڪبنديون مڪمل ٿي وينديون، ان کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ به ڏني ويندي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين عالمي مارڪيٽ ۾ موجود قيمتن ??ان ٿئي ٿو، موجوده نگر??ن حڪومت جي انتظامي قدمن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو اثر پيٽروليم مصنوعات جي خريداري تي پڻ پوي ٿو، اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي. مي??يا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت سوال تي اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير چيو ته جيڪي مي??يا هائوسز پنهنجي ملازمن کي پگهار ادا نه ڪندا انهن کي سرڪاري اشتهار جاري ??ه ڪيا ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري جي مد ۾ اٽڪل 8 ارب رپين جون وصوليون ٿيون آهن، بجلي چوري جي ڪري ??ين صارفين تي بار پوي ٿو، ان نظام کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن جي حوالي ??ان خدشا آهن ته ان جي لاءِ قانون ۽ عوام جون عدالتون کليل آهن. ا??ان جو اختيار ۽ مدو محدود آهي، ا??ان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ا??ان پنهنجي حلف جي پاسداري ڪنداسين. چونڊن دوران پاڪستان جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا.