بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ ۽ روس جي صدر ولاديمير ??يو??ن ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ ۽ روسي صدر ولاديمير ??يو??ن جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اها ڳالهه چين ۾ منعقد ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٿي. ملاقات جي لاءِ اچڻ تي روسي صدر ولاديمير ??يو??ن نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ جو استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي تعاون جي فروغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي مضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ روس هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پڻ ٻطرفو تعاون اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل سوچ رکن ٿا، روس سان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان تعميري ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته بطور سينيٽر روس جو دورو ڪري چڪو آهيان، ٻئي ملڪ ويجها ثقافتي ۽ اخلاقي قدر رکندڙ آهن. هن چيو ته پاڪستان کي توانائي جي کوٽ درپيش آهي، 24 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي وارو هي ملڪ توانائي جي وڏي مارڪيٽ آهي، توانائي جي شعبي ۾ روسي سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ روس سان لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. روس جي صدر ولاديمير ??يو??ن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته خطي جي معا??ي ترقي جي لاءِ سلامتي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، خطي جي معا??ي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي غذائي تحفظ جي لاءِ روس قدم کڻي رهيو آهي، روس غريب ترين آفريقي ملڪن کي مفت اناج جي فراهمي جو منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سان معيشت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.