بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين پيٽروليم جي شعبي ۾ هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏ??ون آهن. صحيحن واري تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ موجود هئا. چين جي يونائيٽيڊ انرجي گروپ ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪ??ون و??ون آهن. سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ ريفائنري سان حاصل ٿيندڙ پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو مت??ادل هوندو پر ريفائنري جي پيٽرول جي ڪل پيداواري صلاحيت اڍائي لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 16 لک ميٽرڪ ٽن ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي پيداوار 6 لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 20 لک ميٽرڪ ٽن ٿي ويندي.