بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران بيان موجب ا??ڙن خيالن جو اظهار هن چائ??ا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس جي صدر لوآن رائيچينگ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي زرعي شعبي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان نه رڳو زرعي پيداوار ۾ اض??في جي لاءِ ڪوششون ڪري ??هيو آهي پر زرعي پيداوار جي پراسيسنگ ۽ روانگي واپار ۾ به اض??في جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. چائ??ا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس (ڪوفڪو) جي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري ??لچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جي نگران وزيراعظم آجيان ڪئي.