بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين ??اڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، پاڪستان کي چين جي دوستي تي فخر آهي، چين سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهيون ٿا، بيلٽ اي??ڊ روڊ منصوبو درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان چين ??اڳاپن ۾ ڏار نه ٿي وجه?? سگهي. چين ??اڪستان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، شي جن پنگ جي ويزنر?? قيادت ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بيلٽ اي??ڊ روڊ فورم ۾ گهرائڻ تي چين?? قيادت جا ٿورائتا آهيون، چين جي ترقي سڀني جي لاءِ بهترين ??ثال آهي، چيني صدر جي گذريل ڏينهن جي تقرير ان جي عظيم ويزن جي عڪاس هئي. هن چيو ته پوري دنيا کي تمام گهڻا چئلينجز درپيش آهن. ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته چين ??اڪستان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جو فروغ چاهي ٿو، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.