ڪوئيٽا-20 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري ن??ران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو تعداد باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ??هي?? نگران حڪومت ان شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي، وقت اچي ويو آهي ته تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتمو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن بيوٽمز يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ صوبي جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ملاقات ۽ تعليمي بهتري لاءِ انهن جي تجويزن، سفارشن بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. تعليم واري ن??ران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ مالي ۽ انتظامي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي ??هي?? هاڻي اسان کي ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي هدايت تي بلوچستان جو چئن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو ??هي??ن، ڪوئيٽا اچڻ جو مقصد تعليمي ماهرن، صوبائي حڪومت ۽ دانشورن سان ملاقاتون ڪري تعليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سفارشون جوڙڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان کانپوءِ ٻين صوبن جو به دورو ڪندس، جنهن کانپوءِ تعليم جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ ان جي حل بابت پنهنجي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ صدر مملڪت ۽ نگران وزيراعظم کي پيش ڪندس. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ڪوالٽي جي مسئلن ۽ ٻين تي ??اس?? فورس جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي مان پاڻ ڪندس، نگران حڪومت تعليم جي شعبي ۾ بهترين بنياد وجهي ويندي. وائيس چانسلرز سان اڄ جي ويهڪ شروعات آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڳتي وڌايو ويندو، مدد علي سنڌي چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جي مسئلن جي حل لاءِ وائيس چانسلرز جي جلد نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي ته جيئن فنڊن ۽ پينشنز سميت ٻين مسئلن جو مستقل حل ڳولي سگهجي. ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد و??يو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت يونيورسٽين جي ڪوالٽي ۽ گورننس جا مسئلا وڏا آهن، بلوچستان جي تعليمي ادارن لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن 223 ملين روپيا ايڊيشنل گرانٽ ڏني آهي.