اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي سان نائجيريا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪ??شنر ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٿيندڙ ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي نائجيريا سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نائجيريا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ??طرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻو پوندو، نائجيريا آفريقا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي نائجيريا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جا موقعا ڳولڻ گهرجن. اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي حصو آهي. نامزد هاءِ ڪ??شنر ثقافتي ?? عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪ?? ڪري. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان کي نائجيريا ۾ مقرري تي کيس مبارڪباد ڏني.