اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سعودي عرب ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ت?? نگران وزيراعظم ان اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جو دورو ڪندو. سربراهي اجلاس کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ ش??يڪ ٿيندو. ترجمان چيو ت?? پاڪستان عالمي اتفاق راءِ کي اڳتي وڌائڻ ?? فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جي عوام جي لاءِ امداد جي فوري فراهمي جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.