ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز جي اٺاويهين اجلاس (ڪوپ – 28) ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪويت جي بجلي، پاڻي ۽ قابل تجديد توان??ئي واري وزير ڊاڪٽر جاسم محمد عبدالله الاستاد، ڪويت ۾ پاڪستان جي سفير ملڪ محمد فاروق ۽ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سفارتي عملدارن نگ??ان وزيراعظم کي ال??دا?? ڪيو.