دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پا??ٽيز (ڪوپ – 28) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جمعي ڏينهن دبئي ايڪسپو سٽي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ گڏيل قومن جي جنرل ??يڪريٽري انتونيو گوتريس دبئي ايڪسپو سٽي اچڻ تي ن??ران وزيراعظم جي آجيان ڪندا. نگران وزيراعظم اڄ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي س??شن ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي ن??ران وزيراعظم نيدرلينڊ ۽ استونيا جي وزيراعظمن ??ان ملاقاتون متوقع آهن. نگران وزيراعظم زيد سسٽين ايبلٽي ايوارڊ جي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. نگران وزيراعظم ??ان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري ن??ران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي به ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.