اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان ٽرانزٽ ٽر??ڊ جي ٽر??ڪنگ جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽر??ڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو وڏو سبب اسمگلنگ آهي. نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽر??ڊ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران ??زي??اعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو هڪ وڏو سبب اسمگلنگ ۽ شين جي غيرقانوني چرپر آهي. نگران ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته افغان ٽرانزٽ ٽر??ڊ جي حوالي سان ٽر??ڪنگ جي نظام کي بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. هن انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽر??ڊ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران ??زي??اعظم حڪم ڏنو ته جيڪو به اهلڪار اسمگلنگ ۾ ملوث ڏٺو وڃي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي ۽ ڪسٽمز جي حساس پوسٽ تي ??نهن به آفيسر جي مقرري کان اڳ انٽيليجنس ڪليئرنس ورتي وڃي. هن اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان ڪوتاهي ڪرڻ تي ??يف سيڪريٽري بلوچستان کي چاغي ضلعي جي سموري انتظامي مشينري تبديل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته چمن، طورخم، غلام خان چيڪ پوسٽن سميت بلوچستان جي سرحدي علائقن تي نگراني جو عمل سخت ڪيو وڃي، ڪارگو جي چيڪنگ ۾ بهتري آندي وڃي ۽ چمن بارڊر تي ??سٽم?? جو عملو وڌايو وڃي. نگران ??زي??اعظم چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ افغان ٽرانزٽ ٽر??ڊ جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي پاران جاچ تي جاري اڳڀرائي تي نگران ??زي??اعظم کي بريفنگ ڏني وئي. نگران ??زي??اعظم ڪميٽي کي پوري ايمانداري سان پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪميٽي جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن سان ايران مان پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ تفتان کان ڪوئيٽا تائين ڪارگو جي ٽر??ڪنگ جو نظام شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي ??زي?? ڊاڪٽر شمشاد اختر، واپار واري نگران وفاقي ??زي?? گوهر اعجاز، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اعليٰ آفيسرن ۽ حساس ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.