اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان آ??ري??ي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي فضائي فوجن وچ ۾ گڏيل فضائي مشقن ذريعي سهڪار ۽ تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن پاڪ فضائيه ۽ آ??ري??ي فضائيه وچ ۾ تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فني صلاحيتن ۽ وفدن جي ڏي وٺ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه طرفان تازو ئي قائم ڪيل ٽيڪنو پارڪس ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ آپريشنل تيارين ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني ترقي کي ڪتب آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ??ئي گڏيل منصوبن ۽ شراڪتداريءَ لاءِ گڏيل سهڪار جي دائره ڪار جي نئين سر تنظيم ۽ ا?? مقصد لاءِ نيون راهون استوار ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايئر چيف پاڪستان ۽ آ??ري??ا وچ ۾ پهريان کان موجود خوشگوار لاڳاپن جو احاطو ڪندي ٻنهي اتحادي ملڪن وچ ۾ پهريان کان موجود هم آهنگي ۽ شراڪتداريءَ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي پنهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪيو. هوائي فوج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان آ??ري??ا سان پنهنجي مضبوط سفارتي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام بابت سڀني اهم معاملن ۾ گڏيل اتفاق راءِ تي قائم آهن. آ??ري??ي سفير پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي پيشوراڻي مهارتن جي تعريف ڪئي ۽ـ موجوده عسڪري قيادت جي سائي ۾ پاڪ فضائيه طرفان پاڻڀرو ٿي ميدان ۾ ڪيل نمايان اڳڀرائين کي ساراهيو. آ??ري??ي سفير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي غير م??زل??ل عزم جي به تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تربيتي شعبي جي بهتري ۽ـ آپريشنل صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ تي خاص توجهه ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ آ??ري??ي سفير وچ ۾ اها ملاقات پُراڻي ٻه طرفن لاڳاپن ۽ دفاعي شراڪتداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ٻنهي پاسن جي عزم جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهي.