اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن تي کيس خراج تح??ين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير جي ان گهٽ مدي ۾ پنجاب جي هر شعبي خاص طور تي ??حت، تعل??م ۽ مواصلاتي ڍانچي جي ترقي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو.