اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خضدار ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي مح??د صديق مينگل جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن ??يو ته مح??د صديق مينگل هڪ باصلاحيت صحافي هو جنهن بلوچستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ??يو ته مح??د صديق مينگل جي شهادت صحافي برادري جي لا??ِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن ??يو ته ڌماڪي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن ??يو ته خضدار پريس ڪلب جي صدر جي مارجڻ تي صحافي برادري ۽ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مح??د صديق مينگل مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري ??فاقي وزير ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.