اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت ۾ اي?? بي آر جو اهم ڪردار آهي، اسان کي گڏجي ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، اي?? بي آر ۾ جاري سڌارن ۽ اوڳاڙين جي حوالي سان هفتيوار جائزه اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس. وز??راعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن تي اهم اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، قومي اسيمبلي ميمبرن بلال اظهر ڪياني، بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، اي?? بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته ملڪي معيشت ۾ اي?? بي آر جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اسان کي گڏجي ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته اي?? بي آر جي مختلف عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ التوا هيٺ ڪيسز جي حوالي سان بهترين وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. هن چيو ته اي?? بي آر ۾ جاري سڌارن ۽ اوڳاڙين جي حوالي سان هفتيوار جائزه اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس بابت ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ان لينڊ روينيو اي??يليٽ ٽربيونلز سان ??ڏ ڪسٽمز اي??يليٽ ٽربيونلز جو قيام پڻ عمل ۾ آندو وڃي. وز??راعظم اي?? بي آر جي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن جي لاءِ اعزاز ڏيڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اي??يليٽ ٽربيونلز ان لينڊ روينيو قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهن ٽربيونلز ۾ ججز جي مقرري جي حوالي سان شفاف لکت وارو امتحان منعقد ڪيو ويندو.