اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو ??ذر??نو پيش ڪري نشان حيدر ماڻيندڙ پائليٽ آفيسر راشد منهاس شه??د کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار لف??ن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته راشد منهاس شه??د ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو ??ذر??نو پيش ڪيو. سڄي قوم راشد منهاس شهيد جي شهادت جي جذبي، حب الوطني ۽ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته راشد منهاس شهيد جهڙن بهادر نوجوانن تي قوم کي فخر آهي. سڄي قوم پنهنجي شهيدن جي احسانمند آهي ۽ هو شهيد جي قرباني کي ياد رکندي. صدر آصف علي زرداري راشد منهاس شهيد جي بلند درجن جي دعا ڪئي.