اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن کي نيشنل پوليس فائ??نڊ??شن ۽ ترڪي?? جي نجي ڪمپني جي سهڪار سان تعمير ڪئي ويندي، هن اسپتال جي تڪميل سان پوليس جي جوانن، انهن جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت ??ون جديد سهولتون ملنديون. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انٽرنيشنل اسپتال جو هي منصوبو نيشنل پوليس فائ??نڊ??شن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن نيشنل پوليس فائ??نڊ??شن جي نون منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته صاب?? احمد جي آمد نيشنل پوليس فائ??نڊ??شن کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ان جي سموري آمدني شهيدن ۽ پوليس جي ويلفيئر تي لڳائي پئي وڃي. گهرو وزير چيو ته شهيد ۽ پوليس جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي اسپتال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، نيشنل پوليس فائ??نڊ??شن ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي منصوبو صرف اسلام آباد تائين محدود نه هوندو پر صوبن ۾ به شهيدن ۽ پوليس جي جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نيشنل پوليس فائ??نڊ??شن ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ان اسپتال جي تعمير لاءِ نيشنل پوليس فائ??نڊ??شن زمين فراهم ڪئي آهي جڏهن ته اسپتال جي تعمير مڪمل طور ترڪي?? جي هڪ ڪمپني ڪري رهي آهي جنهن جي لاڳت 5 ارب روپيا آهي. گهرو وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ت?? جيئن پوليس جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فراهم ڪري سگهجي.