پشاور-21 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا ج?? گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي بس کي پيش آيل حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي ايران ۾ موجود سفير گورنر کي متاثرن جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آه??. ٻئي پاس?? گورنر متاثر خاندانن کي خاطري ڪرائيندي چيو آه?? ته حادثي وارو هنڌ قونصل خاني کان 9 سئو ڪلوميٽر پري آه??، پاڪستاني سفير پاڻ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آه??، يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت افسوسناڪ آه??، صدر آصف علي زرداري ان حوالي سان انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آه?? ۽ صدر ??اڪستان سنڌ حڪومت کي حادثي متاثرن جي وارثن سان فوري رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آه??. متاثرن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آه??، انهن جي وارثن کي ڀرپور حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. گورنر چيو ته بس حادثي جي شهيدن جا مڙهه حاصل ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي هدايتون جاري ڪيون آه?? ۽ بس حادثي تي بلاول ڀٽو زرداري فوري طور تي ايراني عملدارن سان پڻ رابطو ڪيو آه??. هن ايراني عملدارن طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري کي به سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آه??.