اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن ن??وي ايران جي شهر يزد ۾ افسوسناڪ بس حادثي ۾ 35 پاڪستاني زائرين جي شهيد ٿيڻ تي گهر?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان م??ابق وفاقي گهرو وزير فوت ٿيل زائرين جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. هن چيو ته ايران ۾ بس حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان ت?? ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته سموريون همدرديون فوتين جي وارثن ۽ زخمين سان آهن ۽ فوتين جي وارثن ج?? ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وفاقي گهرو وزير محسن ن??وي فوتين جي وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.