اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي فائرنگ ۾ ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثرن ڪٽنبن سان تعزيت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ اسپيڪر چيو ته مع??وم ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ انسان نه آهن انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي، واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف س??ت ڪاروائي ڪري انهن کي انجام تائين پهچايو ??يندو. هن واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.