اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آ??ي ته عالمي ميڊيا پي ٽي آءِ جي باني کي ”ڊس گريس پرائيم منسٽر“ جو لقب ڏئي ڇڏيو آ??ي، پي ٽي آءِ جي باني جي حقيقت دنيا آڏو ظاهر ٿي وئي آهي، عمران خان حڪومت نه پر پنهنجي حرڪت سبب جيل ۾ آهي. ڪالهه هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته هلندڙ سال جنوريءَ کان آگسٽ تائين پي ٽي آءِ جي بانيءَ جا 132 رياست مخالف مضمون شايع ٿيا آهن، بي بي سي 14، نيويارڪ ٽائمز 13 آرٽيڪلز لکيا، گارڊين 10 آرٽيڪل لکيا، الجزيره 8، واشنگٽن پوسٽ، بلوم برگ پوسٽ ۽ فنانشل ٽائمز 6-6 آرٽيڪلز لکيا ۽ سمورا آپريشن گولڊ اسمٿ تحت ڪيا ويا، جنهن ۾ هڪ رٿابنديءَ ذريعي پي ٽي آءِ جي باني کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستان خلاف هڪ ناڪاري پروپيگنڊا ڪرڻ جي حوالي سان عالمي رسالن کي جهڙيءَ طرح استعمال ڪيو ويو، جهڙيءَ طرح انهن ۾ من پ??ند بيانيو بڻايو ويو اهو سڀ قوم آڏو اچي چڪو آ??ي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني پنهنجي حرڪتن سبب جيل ۾ بند آهي، هو نه حڪومت جي خواهش تي نه ڪنهن شخص جي خواهش تي جيل ۾ آهي، هو گه??ي چور، 190 ملين پ??ئونڊ ڪيس ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ سبب جيل ۾ آهي. هن چيو ته د??شتگرديءَ جي هاڻوڪي لهر ڪنهن جو ڏنل تحفو آ??ي سڀ ڄاڻن ٿا ته اهو اوهان جو ڏنل تحفو آ??ي. پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ جهڙيءَ طرح اوهان طالبان دهشتگردن کي ٻيهر وسايو ۽ جيلن مان انهن کي آزاد ڪيو، اڄ پاڪستاني قوم ان جو ڪيتو ڀوڳي رهي آهي.