اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته آءِ پي پيز جي معاملي تي پارليامينٽ کي پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان هائوس ڪميٽي جوڙي ان معاملي کي غور هيٺ آندو وڃي جتي سموريون لاڳاپيل اختياريون ان حوالي سان بريفنگ ڏين. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران علي محمد خان چيو ته آءِ پي پيز جي ڌٻڻ ۾ پاڪستان ٻڏي چڪو آه??، ان باري ۾ خاص توانائي ڪميٽي جوڙي وڃي، پوءِ ان مسئلي جي حل لاءِ غور ويچار ڪيو وڃي. مصدق ملڪ چيو ته ان حوالي سان ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي، علي محمد خان جي تجويز ??ما?? سٺي آهي، سڀني پارٽين کي ان جذبي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، پن بجلي جي پيداوار سردين جي موسم ۾ گهٽ ترين سطح تي اچي ويندي آهي، گ??مين ۾ 30 هزار ۽ سردين ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي اسان جي ضرورت آهي، سردين ۾ 20 هزار ميگاواٽ بجلي جي ڪيپسٽي پيمينٽ ادا ڪئي ويندي آه??، ان فرق کي ڪڍڻ لاءِ ڪجهه تجويزن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان جو حل نڪري ايندو. راجه پرويز اشرف چيو ته پوري هائوس جي ڪميٽي ٺاهي ان معاملي تي غور ڪيو وڃي، لاڳاپيل اختيارين کي ان ۾ گهرايو وڃي، هائوس سامهون آءِ پي پيز جو قصو اچي ته جيئن ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي. حنيف عباسي چيو ته هڪ وزير 10 وزارتن جو جواب ڏئي اهو ممڪن ناهي، سڀني کي پنهنجون ذميواريون اد?? ڪرڻ گهرجن، مقامي آءِ پي پيز به کرب پتي بڻجي ويون آهن.