ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاق?? وزير قيصر احمد شيخ ڪراچيءَ ۾ بحريه قبرستان ۾ شهيدن جي مزار تي ??اضري ڀري گُل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جي جٿي سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳ??لهائيندي وفاق?? وزير چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع جو ڏينهن اسان جي بهادر فوج دليري ۽ جان??از?? جو مظاهرو ڪندي دشمن جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وفاق?? وزير چيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۽ قوم کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. اسان سمورن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قوم جي خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وفاق?? وزير چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت هميشه وانگر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.