اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرامن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ، گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائڻ، سلامتي، ماحولياتي تحفظ ۽ وسيلن جي پائيدار انتظام جي گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار جي لاءِ م??ري ٽائيم سيڪيورٽي اهميت رکندڙ آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ڪانفرنس 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري ??نرل آرسينيو انتونيو ڊومنگويز سميت ملڪي ۽ غيرملڪي نمائندا شرڪت ڪري ??هيا آهن. هن چيو ته ميري ٽائيم افيئرز بابت سڀني جا مفاد گڏيل آهن، پاڪستان جي بليو اڪانومي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري ??گهي ٿي، حڪومت ماهيگيري جي شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. نائب وزيراعظم ميري ٽائيم سيفٽي ۽ ماحولياتي پائيداري جي اعليٰ ترين معيارن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم تي زور ڏنو. هن معاشي ترقي جي هڪ اهم ٿنڀ جي طور تي متحرڪ بليو اڪانومي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيحن ۽ اقتصادي ترقي، نوڪرين جي تخليق ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ س??مو??ڊي وسيلن جي پائيدار استعمال جو خاڪو پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ماهيگيري ۽ س??مو??ڊي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ س??مو??ڊي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ ”آف شور“ گئس ۽ پيٽروليم جي وسيلن جي ڳولا لاءِ پاڪستان جي اهميت جي پڻ وضاحت ڪئي. محمد اسحاق ڊار چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب ميري ٽائيم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تمام ضروري هو. نائب وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ نمائندن ۽ مهمانن سان ٿورا مڃيندي انهن کي ڀليڪار چيو. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت ماهيگيري جي شعبي کي خاص اهميت حاصل آهي، ماهيگيري جي لاءِ ٻج ۽ خوراڪ جي صحيح طريقيڪار تحت انتظام ضروري ??هي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته جهازسازي جي صنعت کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري ??هي. ميري ٽائيم انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪنداسين، ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري ??هيا آهيون. هن چيو ته بليو اڪانومي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو. س??مو??ڊي معاملن ۾ جديد رجحانن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم ڪامياب ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي س??مو??ڊي معاملن واري وزارت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته س??مو??ڊي ترقي جي لاءِ عالمي حصيداري ??روري ??هي. هن چيو ته بليو اڪانومي ۾ پاڪستان جو مقصد علائقائي پهچ جو مرڪز بڻجڻ آهي. پاڪستان جي بليو اڪانومي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري ??گهي ٿي. نائب وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته ميري ٽائيم انڊسٽري جي ڊي ڪاربنائيزيشن جاري ??هي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڪستان ۾ بندرگاهن تي نمايان ترقي ڏسڻ لاءِ م??ندي.