اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي سوشل ميڊيا تي ڌمڪي آميز پوسٽ جي معاملي جي جاچ ايف آءِ اي ڪندي، باني چيئرمين پي ٽي آءِ فوج ۽ عدليه کي ٽارگيٽ ڪيو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ کان پچاڳاڇا ڪئي ويندي ته سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جاري ٿيندڙ پوسٽ ڪٿان ڪئي پئي وڃي ۽ سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڪير هلائي رهيو آهي؟ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سدائين صحافين کي نشانو بڻايو، انهن تي حملا ڪيا، انهن جي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلايون، پي ٽي آءِ جي پوري پارٽي کي علي امين گنڊاپور جي بيان تي غي??مش??وط معافي وٺڻ گهرجي، علي امين گنڊاپور هڪ صوبي جو وڏو وزير آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ اختلاف راءِ ڪرڻ، پنهنجا نظريا رکڻ، ڪنهن پارٽي جي نظريي سان اختلاف ڪرڻ ڏوهه بڻجي چڪو هو. هن چيو ته تحريڪ انتشار سدائين صحافين جي خلاف غ??ط زبان استعمال ڪئي، پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي سڀ کان پهرين صحافين کي هدف بڻايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي ما??هن کي اتساهيو ته جيڪو ??ن جي حق ۾ ڳالهه نه ڪري، ان تي الزام هڻي ڇڏيو، اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، اڄ به ياد آهي لاهور ۾ ثناءَ مرزا ڊي ايس اين جي تي هئي ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو کيس هراسان ڪري ??هي?? هئا، صحافي صدف انهن جي ڪنٽينر جي هيٺان اچي فوت ٿي وئي، عورت صحافين کي انهن مارڪُٽ ڪئي، انهن جي خلاف غ??يظ زبان استعمال ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور اسٽيج تي صحافين جي خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي، انتهائي نامناسب آهي، پي ٽي آءِ جي پوري پارٽي کي علي امين گنڊاپور جي بيان تي غي??مش??وط معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته علي امين گنڊاپور هڪ صوبي جو وڏو وزير آهي، ڇا کيس سُونهين ٿو ته هو عورتن ۽ پاڪ فوج بابت غليظ زبان استعمال ڪري؟ جيڪو ??دارو خيبرپختونخواهه جي اندر قربانيون ڏئي رهيو آهي، توهان ان جي خلاف زبان استعمال ڪري ??هي?? آهيو، اها سٺي غيرت آهي جيڪو ??وهان جون زندگيون محفوظ بڻائي، توهان انهن جي خلاف غ??يظ زبان استعمال ڪريو، اهڙو طرز عمل مذمت جوڳو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پارليامينٽ جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، انهن جي وڊيوز رڪارڊ تي موجود آهي، جيڪا شيءَ ڪئميرا جي اک ڏيکاري آهي اها بلڪل واضح آهي، انهن کي عورت صحافين ۽ هڪ صوبي جي وڏي وزير جي خلاف غ??يظ زبان استعمال ڪرڻ تي شرمندگي نٿي ۽ پنهنجي گرفتارين تي واويلا شروع ڪري ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي سوچ فاشزم تي ٻڌل آهي، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد سان گڏجي هن اپوزيشن جي هر اڳواڻ تي ڪيس ٺاهيا، اهو سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته انهن پاليسي ڪهڙي آهي؟ هي اسان جي اڳواڻن کي ڪوڙي ڪيسز ۾ جيلن ۾ وجهندا ??هي?? ۽ دُهل وڄائيندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو ويو جنهن ۾ باني پي ٽي آءِ فوج ۽ عدليه کي ٽارگيٽ ڪيو. هن چيو ته هي ملڪ ۾ انارڪيءَ ڦهلائڻ چاهين ٿا، هي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب الرحمان سان ڪري ??هي?? آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايف آءِ اي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي جاري ٿيندڙ پوسٽ جي جاچ ڪندي، ان ڳالهه جي جاچ ٿيندي ته سوشل ميڊيا تي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو اڪائونٽ ڪير هلائي رهيو آهي؟ باني چيئرمين پي ٽي آءِ ملڪي سالميت جي حوالي سان ٻيهر سازش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو ??نتهائي مذمت جوڳو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ ما??هن کي اتساهيو ته توهان مهم شروع ڪريو. هن چيو ته پر توهان ان سازش ۾ بلڪل ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ گهرو وزير تي پڻ الزام هنيا جڏهن ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي جيل ۾ سموريون سهولتون ميسر آهن، واڪنگ گيلري دستياب آهي، گهر کان کاڌو اچي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته رياست تي حملي جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جو معاهدو حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو ??هي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، معاشي انگ اکر مثبت ٿي ??هي?? آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿي رهيو آهي، معيشت جي بهتري سان انهن کي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ انهن ملڪي ادارن تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، اهي پنهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.