نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد ??هباز شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وز??راعظ?? آفيس جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب وز??راعظم محمد ??هباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وز??راعظم بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل مضبوط ڀائراڻن لا??اپ?? تي روشني وڌي. وز??راعظم ٻطرفن لا??اپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگالي مان فائدو کڻندي وز??راعظم پا??لياماني مٽاسٽا، گڏيل عوامي رابطن، رانديگرن، تعليمي ماهرن، فنڪارن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جي ذريعي لا??اپ?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وز??راعظم محمد ??هباز شريف ڊاڪٽر محمد يونس کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن سان علائقائي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي سگهندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.