نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ اتي رهندڙ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل جي احتساب جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارم تي غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀائرن جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آ??ي. ??نهي اڳواڻن جي ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شه??از شريف پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مضبوط ل??ڳا??ن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته انهن ل??ڳا??ن جو بنياد تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آ??ي. ??زيراعظم پاڪستاني زائرين جي لاءِ هر سال ڪندڙ انتظامن تي عراقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – عراق ٻطرفن ل??ڳا??ن جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. گڏيل طور تي تعاون جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ م??جو?? صلاحيت مان فائدو کڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ جاري اسرائيلي قتل عام، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ لکين انساني زندگين جي تباهي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شه??از شريف پاڪستان پاران غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ غزه جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل کي ذميوار قرار ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. عالمي مسئلن تي اتفاق ڪندي ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن کي انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارمز تي عالمي ڪوششن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.