اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ ف??نه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 8 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان اسان جو فخر آهن ۽ انهن جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي فخر آ??ي. ??ن چيو ته ف??نه الخوارج جا دهشتگرد ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌرتي تان خوارجي دهشتگردن جو خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته ف??نه الخوارج جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.