اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وز??را??ظم ۽ ??رڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ميٽنگ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. ??رڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب ساموا ۾ منعقد دولت مشترڪه جي انٽرجنريشنل ڊائيلاگ ۾ نائب وز??را??ظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ ريزيلنٽ ۽ شموليت تي ٻڌل دولت مشترڪه جي جوڙجڪ ۾ نوجوانن جي ق??اد?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وز??را??ظم اسحاق ڊار اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ جي لاء?? پاڪستان جي مضبوط عزم تي زور ڏنو جيڪ نوجوانن کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائي. محمد اسحاق ڊار ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جهڙن قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ل??ين نوجوانن کي تعليم، روزگار ۽ مشغوليت ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. هن نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام ميمورڊن آف انڊر اسٽينڊنگ تي نظرثاني ۽ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس جي شروعات شامل آهي. نائب وز??را??ظم چيو ته نوجوان نه رڳو ايندڙ سڀاڻي جا اڳواڻ آهن پر اڄ پاليسي سازي ۾ فعال طور تي حصو وجهي رهيا آهن، هن ڪلائميٽ ايڪشن ۽ ڊيجيٽل اختراع جا ادارا هلائڻ ۾ نوجوان اڳواڻن جي تعاون کي ساراهيندي دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي نوجوانن کي هڪ مضبوط، وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ حصيدارن جي طور تي اختيار ڪن ۽ دولت مشترڪه ڪميونٽي جي لاء?? پائيدار اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مسلسل انٽرجنريشنل تعاون کي جاري رکن.