چنگ ڊائو-24 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس اح??د خان لغاري چين جي شهر چنگ ڊائو ۾ رٿيل ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ وزاتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايران جي هم منصب عباس علي آبادي سان ملاقات ڪئي ۽ توانائي جي حوالي سان سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. پاور ڊويزن مان جاري بيان موجب ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير اويس اح??د خان لغاري توانائي جي رٿائن جي اهميت تي زور ڀر??ند?? چيو ته انهن سان رابطن ۽ واپار کي هٿي ملندي. ڌُرين خاص طور تي گوادر، بلوچستان ۾ بجلي جا منصوبا لڳائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اويس لغاري چيو ته ??نهي ملڪن ??چ ۾ بجلي گهرن جي آپريشن ۽ سنڀال ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. علائقائي ملڪن ??چ ۾ توانائي جي بهتر رابطن جي ضرورت تي ڳا??ها????ند?? ٻنهي وزيرن باقاعده رابطن ۽ اثرائتي ڪميونيڪيشن جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بجلي گهرن جو اثرائتو انتظام، توانائيءَ جي سپلاءِ کي برقرار رکڻ ۽ خطي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.