اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ايران ??ي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جي تازي پاڪستان ??ي دوري ۾ ٻنهي ڌرين باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ، واپار، توانائي ۽ سلامتي تي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ ۽ سرحدي انتظام ۽ عوام سان ??وام جي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ايران ??ي پرڏيهي وزير 4 کان 5 نومبر تائين پاڪستان ??و دورو ڪيو، پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران هن وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون. ??رج??ان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 آڪٽوبر تي ايران ??ي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ ايران ??ي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان ??ي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ??رج??ان وڌيڪ چيو ته ڌرين وچ اوڀر جي صورتحال ۽ غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ فوجري جنگبندي، بنا روڪ انساني امداد ۽ فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.