اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي و??ير خواجه محمد آصف بشريٰ بي بي جي الزامن کي پاڪ سعودي عرب لاڳاپن تي ڪاري ضرب قرار ڏيندي چيو آه?? ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي سياست جي ور چاڙهڻ افسوسناڪ آهي، ڪالهه لاڳاپا خراب ڪرڻ جي نهايت مڪروه ۽ غليظ قسم جي ڪوشش ڪئي وئي، اهي ماڻهو پاڻ کي مذهب جو ٺيڪيدار سمجهن ٿا، بشريٰ بي بي پنهنجو پاڻ کي شريعت چئي رهي آ??ي، جيڪڏهن هو شريعت آه?? ته الله ئي حافظ آهي اسان جو، پي ٽي آءِ ۾ ڪو به پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي لاءِ سنجيده ناهي، عدالتي فيصلي تي پي ٽي آءِ جو بار بار اسلام آباد تي حملي جي معمول جو خاتمو يقيني بڻائينداسين، پي ٽي آءِ باني سان سڌي ريت ڪو به رابطو يا ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير علي امين گنڊاپور سان اسٽيبلشمينٽ جو رابطو آهي، جنرل باجوده کي گهرج?? ته هو پاڻ انهن الزامن جي ترديد ڪري. هو ڪالهه پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. خواجه آصف چيو ته سعودي عرب سان اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، اتي 28 لک پاڪستاني روزگار ڪمائي رهيا آهن، بشريٰ بي بي جا الزام شرمناڪ آهن، سياست بچائڻ لاءِ دوست ملڪ تي الزام لڳائڻ انتهائي ڪريل حرڪت آهي، بشريٰ بي بي تڪراري بيان سياست جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ ڏنو. پي ٽي آءِ قيادت طرفان مذهبي ڏيوالپڻي جو به مظاهرو ڪيو ويو. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ عورتن وچ ۾ جهيڙو هلي رهيو آهي، اهو سمورو جهيڙو سياسي پارٽي جي وارثي لاءِ ٿي رهيو آهي، ڀاڄائي ۽ نڻانن وچ ۾ وراثت جي ويڙهه ۾ 3 عورتون هڪ طرف ۽ بشريٰ بي بي ٻي طرف آهي، آزادي کانپوءِ بشريٰ بي بي جو پشاور وڃڻ، ان مان ظاهر لڳي ٿو ته سياسي وارث هو بڻجي رهي آ??ي. ملڪي سياست ۾ ڏيوالپڻو ڏٺو ويو آهي پر اهڙي ڏيوالپڻو نه ڏٺو جهڙي سياسي وراثت جي دعويٰ بشريٰ بي بي ڪئي آ??ي. هن چيو ته هڪ معتبر صحافي ذريعي اڳوڻي آرمي چيف جو بيان اچي چڪو آهي، الزامن جي سنجيدگي کي ڏسندي قمر جاويد باجوه کي ذاتي طور پاڻ اچي ان جي ترديد ڪرڻ گهرجي، ان جو چوڻ هو ته جنهن ملڪ خلاف بيان ڏنو آهي، اتان واچ وٺي انهن ڪاروبار ڪيو، ايپڪس ڪميٽي ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته توشاخانه مان سڀني تحفا ورتا، منهنجي ليڊر ورتو به ڇا ٿيو، فرق اهو آه?? ته هن تحفو ورتو، ان کي وڪرو ڪيو، معمولي رقم جمع ڪرائي ۽ باقي رقم پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏي، ان خلاف الزام ا??و آهي. خواجه آصف چيو ته هي ڀٽو ۽ نواز شريف جي خاندان کي گاريون ڏين ٿا ته خانداني سياست ٿي رهي آ??ي، هتي خانداني سياست کانسواءِ ڏوهٽن ۾ ويڙهه ٿي رهي آ??ي، هي خانداني سياست جي انتها آهي. هن چيو ته جهڙي طرح هن پنهنجي مشهوري شروع ڪئي آ??ي ان جو اوهان کي ايندڙ ڏينهن ۾ پتو پئجي ويندو ته اهو اٺ ڪهڙي پاسي ويهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور روزاني اسلام آباد ۽ پنجاب تي حملي آ??ر ٿي رهيو آهي، 24 نومبر تي ان جو اسلام آباد تي ٽيون حملو ٿيندو، خيبرپختونخوا دهشتگردي جو شڪار آهي، دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ خيبرپختونخوا ۾ ڪي به قدم نه کنيا ويا. اهي ماڻهو ملڪي پرڏيهي پاليسي تي حملو ڪن ٿا، ڪاش اهي ڪو حملو دهشتگردي تي به ڪن. خواجه آصف دعويٰ ڪئ?? ته تحريڪ انصاف جي قيادت نٿي چاه?? ته پي ٽي آءِ جو باني آزاد ٿئي، پي ٽي آءِ باني آزاد ٿيو ته پارٽي اڳواڻن جو دڪان نه هلندو. بچاءُ و??ري و??ير چيو ته اسان جو تحريڪ انصاف سان ڪنهن به قسم جو رابطو ناهي، خواجه آصف جو چوڻ هو ته سعودي عرب کان واچ وٺي هن ڪاروبار ڪيو، علي امين گنڊاپور چيو ته منهنجي ليڊر تحفو ورتو ته ڪهڙو گناهه ٿيو؟ علي امين گنڊاپور کان وڌيڪ ڪير به نٿو ڄاڻ?? ته بشريٰ بي بي جي آڊيو به موجود آهي جنهن ۾ هو ماڻهن کي دڙڪا ڏئي رهي آ??ي ۽ نوڪرين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آ??ي. دفاع واري و??ير چيو ته تحريڪ انصاف جي احتجاج بابت عدالتي فيصلي کي پوري قوت سان لاڳو ڪنداسين.هن چيو ته گذريل ڏينهن خيبرپختونخوا ۾ رتوڇاڻ ٿي آ??ي، وڏي و??ير هر چوٿين ڏينهن وفاق ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ وڃي ٿو، خيبرپختونخوا حڪومت دهشتگردي خلاف هن وقت ڇا ڪيو آهي؟.