اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي ??ورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ خوا??ج دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي ??ورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران 5 خوارج کي جهنم و??صل ڪرڻ ۽ 2 زخمي ڪرڻ تي سيڪيورٽي ??ورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر جو دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو.