قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته انڊونيشيا پاڪستان ??و ڀروسي جوڳو ??اپ??ري حصيدار آهي، کاڄرو تيل جي ضرورتن جو گهڻو حصو ان کان ??ي برآمد ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سربراهي اجلاس جي موقعي تي انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پرابوو سوبيانتو کي انڊونيشيا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، ??اپ??ري ۽ اقتصادي معاملن کانسواءِ گهڻ رخي فورمز تي تعاون پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ ??اپ??ري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو ته انڊونيشيا پاڪستان ??و ڀروسي جوڳو ??اپ??ري حصيدار آهي. هن خاص طور تي پام آئل فراهم ڪندڙ ملڪ جي طور تي انڊونيشيا جي ڪردار کي ساراهيو ڇو ته پاڪس??ان کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ گهڻو حصو انڊونيشيا کان ??رآمد ڪري ٿو. آسيان ۽ ان ??ي ميمبر ملڪن سان ??ابطي جي حوالي سان پاڪستان ??ي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پاڪستان ??ي آسيان ۾ سيڪٽورل پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ ۽ آسيان ??لائقائي فورم جي ميمبرشپ جي لاءِ انڊونيشيا جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم اميد ظ??هر ڪئي ته پاڪستان ??نڊونيشيا جي تعاون ۽ حمايت سان ??سيان ??و مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجندو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف صدر پرابوو سوبيانتو کي پاڪستان ??ي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ، غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام، جنهن جون سرحدون 1967ع کان ??ڳ جي طرز تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.