رياض- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب منشيات جي خاتمي لاءِ ٻه طرفي معاونت تحت وڌيڪ مؤثر قدمن تي اتفاق ڪيو آه??. سعودي عرب پاڪستان کي منشيات جو سراغ لڳائڻ لاءِ جديد اوزارن جي حوالي سان تعاون جي آڇ ڪري ڇڏي. سعودي عرب جي د??ري دوران وفاق?? وزير سعودي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو، جتي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس ميجر جنرل محمد القرني گهرو وزير جو استقبال ڪيو. گهرو معاملن واري وفاقي جي سعودي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ منشيات جي خاتمي جي حوالي سان گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاق?? وزير اينٽي نارڪوٽڪس هيڊ ڪوارٽر جي ڪنٽرول روم جو مشاهدو ڪيو. محسن نقوي هيڊ ڪوارٽر جا مختلف شعبا ڏٺا ۽ سعودي عملدارن منشيات جي خاتمي جي سلسلي ۾ کيس بريفنگ ڏني. گهرو وزير سعودي عرب جي اينٽي نارڪوٽڪس جي ڊي جي کي پاڪستان جي د??ري جي د??وت ڏني. گهرو وزير جو چوڻ هو ته منشيات جي لعنت کي ڪوبه ملڪ اڪيلو مُنهن نٿو ڏئي سگهي. هي عالمي گڏيل چئلينج بڻجي چڪو آه??. پاڪستان سعودي عرب سان اينٽي نارڪوٽڪس جي حوالي سان تعاون جاري رکندو. نئين نسل کي نشي کان محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي جامع قدمن جي ضرورت آه??. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته سعودي اينٽي نارڪوٽڪس پاڪستان جي اداري اي اين ايف سان رابطي ۾ آه??. اين ايف سان مستقل بنيادن ??ي معلوماتي مٽاسٽا هوندي آه??. سعودي عرب جي انفارميشن تي ويجهڙ ۾ پاڪستان مان 2 منشيات جا ملزم پڪڙيا ويا.