اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج 2025ع جي درخواستگذارن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جو عمل خميس کان شروع ٿي ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب مذهبي معاملن واري وزارت جي عملدارن حج ??انڌيئڙن کي هدايت ڪئي ته هو حج رهتن جي ٻي قسط نامزد بئنڪن ۾ 19 کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪرائين. حج رهتن جي ٻي قسط 4 لک روپيا آهي جڏهن ت?? اختياري سهولتن جا اضافي خرچ به ٻي قسط سان گڏ جمع ڪرائڻ?? پوندا. ان مرحلي تي بئنڪ کان پيڪيج تبديل ڪرائي سگهجي ٿو. 4 کان 6 ماڻهو فيملي روم، ش??ئر??گ روم يا سنگل ماڻهن لاءِ اختياري ڊبل بيڊ (في حاجي) 2 لک 59 هزار روپيا، اختياري ٽرپل بيڊ في حاجي 86 هزار 500 ۽ قرباني جا 55 هزار 500 روپيا جمع ڪرائڻ?? پوندا. ترجمان چيو ته ڪامياب حج ??انڌيئڙا رهتن جي ٻي قسط 27 ڊسمبر تائين لازمي جمع ڪرائين.