سيالڪوٽ – 14 ڊ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عوا?? رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عوا?? رد ڪيو آهي اهي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، ٻانهون کنجي عوام کي درس ڏيندڙ تبليغي ٽولي جي ڪرپشن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي، مسيحا جو ويس بدلائي گهمندڙن جا ڪوڙا چهرا عوام جي سامهون بي نقاب ٿيڻ وڃي رهيا آهن، س??الڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام کانپوءِ عوام جي رل??ف جون ٿڌيون هوائون هلي رهيو آهن، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام کي رل??ف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهڙي طرح جي صور??حا?? ۾ جڏهن عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي ته اهڙي ماحول ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو پنهنجو پاڻ کي سياسي محاذ تي زنده رکڻ لاءِ لطيفا ٻڌائيندو رهندو آهي.