اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن وار?? خاص معاون عثمان ڊار چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ اربع ڏينهن سيالڪوٽ جو دورو ڪندو، جتي سيال ا??ئر??ائين جو افتتاح، 17 ارب جي ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيند?? خاص معاون عثمان ڊار چيو ته وزيراعظم سيالڪوٽ جي دوري ۾ ڪيترن ئي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکندو.