اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ ??وم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پيدائش جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ ??صو??ي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون، سول ۽ عسڪري قيادت ??صو??ي پيغام جاري ڪيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي عظيم اڳواڻ ۽ سندس ساٿين جي آزاد ملڪ پاڪستان جي لاءِ عظيم جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. باني پاڪستان جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سل??متي ۽ خوشحالي جي لاءِ ??صو??ي دعائن سان ٿيو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي هڪ دستي گارڊ جا فرض سنڀاليا. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ان موقعي تي خاص مهمان هو. هن مزار تي گلن جي چادر چارهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ ان کانپوءِ ??همانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ملٽري اڪيڊمي جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو ۽ باباءِ ??وم کي سل??مي ڏني. سرڪاري ۽ نجي سطح تي قرآن خواني ۽ جهنڊو ڦڙڪايو ويو، قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، باباءِ ??وم جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هئي، سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبن ۽ ??صو??ي پيغامن ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر ۽ ان جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ??صو??ي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو.